بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائي ڇڏيو.پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بابر اعظم وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي به گذريل رات ڪاڪول پهتي ۽ شاهين شاهه آفريدي کي بورڊ جي فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو ۽ کيس ڪرڪيٽ بورڊ جي مستقبل جي پلان بابت به آگاهه ڪيو.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي بابر اعظم بابت شاهين آفريدي جا تحفظات به ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪميٽي جي متفقه راءِ کانپوءِ بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتان بڻائڻ جي تجويز ڏني.ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن ته بابر اعظم ٽنهي فارميٽ جي ڪپتاني جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم اهڙي ڪا به شرط ناهي لڳائي.

پهنجو تبصرو موڪليو