ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) سان معاهدو ڪري ورتو آهي.بابر اعظم رنگپور رائيڊرز سان معاهدو ڪري ورتو، هو هاڻي 2017ع کانپوءِ بي پي ايل کيڏندو.پاڪستاني ڪپتان آخري ڀيرو 2017 ۾ سلهٽ سڪسرز طرفان بي پي ايل ميچ کيڏيو هو.بابر اعظم کانسواءِ پاڪستان جو احسان الله به رنگپور رائيڊرز جو حصو هوندو. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڪانٽريڪٽ تي صحيحن جو انڪشاف ٽيم جي سوشل ميڊيا مئنيجر پنهنجي ذاتي اڪائونٽ تي ڪيو.ٻئي طرف رنگپور رائيڊرز جي نئين سائننگ بابت سوشل ميڊيا پوسٽ به بابر ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.
