اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو ڀاءُ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن سرڪل راولپنڊي اڳوڻي نائب تحصيل دار نجف حميد کي عبوري ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪري ورتو آهي. نجف حميد اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف فيض حميد جو ڀاءُ آهي. راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن کاتي موجب نجف حميد خلاف اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي موجب نجف حميد کي عبوري ضمانت خارج ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو، هن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو صوبائي وزير حافظ عمار ياسر به نامزد آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جو چوڻ آهي ته راولپنڊي جي اسپيشل جج علي نواز جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ياد رهي ته فيبروري 2023 ۾ نائب تحصيلدار چڪوال، نجف حميد کي ڪرپشن جي الزام ۾ معطل ڪري ڪمشنر آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ان بعد اينٽي ڪرپشن پنجاب ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي خط لکي نجف حميد جي ملڪيتن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن تي غير قانوني طور کاتن ۾ هير ڦير جو الزام به آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو