اڄ شام تائين شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچي ويندي،ڪارپوريشن

اڄ شام تائين شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچي ويندي،ڪارپوريشن

ڪراچي(پ ر )ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنھنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو تہ واٽر ڪارپوريشن شهر جي 12 مختلف هنڌن تي پاڻي جي لائينن ۾ ليڪيجز جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪري شهر ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي ماروئڙا ڳوٺ ڪرن اسپتال الازهر گارڊن سپارڪو پراڻي سبزي منڊي ڪشمير روڊ ۽ پيلي ڪوهٽي لياقت آباد ۾ ليڪيجز جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي سائفن 19 جي پهرين فيز جي ليڪيجز جي مرمت پراڻي سبزي منڊي يونيورسٽي روڊ تي 54 انچ قطر جي لائين جي ليڪيجز جي مرمت ۽ پراڻي سبزي منڊي کان لياقت آباد تائين 48 انچ قطر جي لائين تي ليڪيجز جي مرمت سميت لياري ندي ۾ ايف ٽي ايم لائين ۾ انسپيڪشن ٽي نصب ڪئي وئي آھي هن چيو تہ ليڪيجز جي ڪري مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون ملي رهيون هيون جنھن جو خاتمو ڪيو ويو آهي جڏهن تہ ليڪيجز جي خاتمي سان لياري صدر اولڊ سٽي ايريا ڪلفٽن چنيسر ٽائون جناح ٽائون ناظم آباد نارٿ ناظم آباد ۽ سينٽرل ضلعي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو