اپوزيشن جون مگسي ۽ پليجي سان ملاقاتون، تحريڪ ۾ شموليت جي دعوت

اپوزيشن جون مگسي ۽ پليجي سان ملاقاتون، تحريڪ ۾ شموليت جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اڳواڻن جون سنڌ ۾ سياسي ملاقاتون جاري آهن. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي سربراهي ۾ وفد سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي. هوڏانهن اسد قيصر جي سربراهي ۾ اپوزيشن وفد عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي ملاقاتن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجي کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ باضابطا طور شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ مختلف جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو