ايڪس تان بوٽ يا آٽو ميٽيڊ اڪائونٽس ختم ڪرڻ جي شروعات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ايڪس يعني ٽوئٽر چيٽ بوٽ يا آٽ ميٽڪ اڪائونٽ ڊليٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا اڪائونٽس ڪوڙي معلومات ڦهلائڻ جو وڏو سبب آهن. هي اڪئونٽ مختلف سافٽ ويئرز ۽ آرٽيفيشل انٽيلجنس ٽولز جي مدد سان هلندا آهن ۽ انساني اڪائونٽس وانگر ڪم ڪندا آهن. اهڙي قسم جا اڪائونٽ ڊليٽ ٿيڻ سان ڪيترن ئي صارفين جا فالوئرز گهٽجي رهيا آهن. ڇو ته ڪيترن صارفين ڪوڙا فالوئرز به ٺاهيا آهن جيئن هو تاثر ڏئي سگهن تي سندن فالوئرز جو تعداد تمام گهڻو آهي. ياد رهي ته بوٽ يا آتوميٽيڊ اڪائونٽس جو تعداد لکن ۾ آهي ۽ ايلون مسڪ ٽوئٽر خريدڻ وقت اهڙا اڪائونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو