ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 211 پوائنٽن جو اضافو

ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 211 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي ۾ 211 پوائنٽس وڌي 50943 تي بند ٿي ويو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 896 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 51520 هئي.پي ايس ايڪس ۾ ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 50624 جي هيٺين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.82 ارب شيئرز جو واپار ٿيو.شيئرز مارڪيٽ ۾ هفتيوار ٽران اوور 64 ارب 6 ڪروڙ رپيا رهيو.هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري ۾ 43 ارب رپين جو اضافو ٿيو، ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي مارڪيٽ سرمائيداري 7422 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو