اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اين اي 97 ٽنڊوالهيار ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت مسلم ليگ ن اڳواڻ علي گوهر بلوچ جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ وقفي کان اڳ علي گوهر بلوچ کي ٻه آپشن ڏنا.سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته نظرثاني درخواست خارج ڪرڻي آهي يا واپس وٺندا؟ درخواستگذار جي وڪيل شهزاد شوڪت عدالت کي استدعا ڪئي ته نظرثاني درخواست جي ميرٽ تي فيصلو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽربيونل جو وقت ختم ٿي ويو آهي.ان تي جسٽس امين الدين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان واضح آهي ته ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ناهي ڪئي وئي.جسٽس نعيم افغان چيو ته آر او اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ چيو آهي ته ڪا به درخواست ناهي ملي.سپريم ڪورٽ 21 آگسٽ تي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ 22 آگسٽ تي آر او سان رجوع ڪيو.سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آر او درخواست جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي.هڪ ته اهو تاثر به ملي سگهي ٿو ته آر او کي انعام ڏنو ويو، جنهن تي هو پنهنجي ڳالهه تي واپس هليو ويو.جسٽس نعيم افغان پڇاڻو ڪيو ته جنهن شخص لکيو ته درخواست ناهي آئي، هاڻي درخواست جي تصديق ٿيل ڪاپي ڪيئن ڏئي رهيو آهي؟ هاڻي جيڪي دستاويز ڏيکاريا پيا وڃن، انهن جو اڳ ۾ جائزو ورتو وڃي ها ته علي گوهر بلوچ ٽربيونل سان رجوع ڪيو وڃي ها.










