اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت ايندڙ مهينن ۾ به مهانگائي بلند ترين سطح تي برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اڪنامڪ اپ ڊيٽ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ ايندڙ مهينن ۾ به مهانگائي بلند ترين سطح تي برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر 2023 ۾ مهانگائي 29 کان 31 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ پيٽروليم شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي مهانگائي جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب ٽرانسپورٽ جي ڀاڙي، ضروري شين ۽ سروسز سيڪٽر ۾ سهولتون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي، ڊالر جو ريٽ گهٽجڻ سان امپورٽڊ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ڊيلرز ۽ ذخيري اندوزن خلاف سخت ايڪشن ورتو ويو آهي، جنهن سبب ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي غذائي جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي، جڏهن ته روس يوڪرائن جنگ سبب چانور ۽ کنڊ جا اگهه وڌي رهيا آهن.
