لاهور(ويب ڊيسڪ)مجلس وحدت مسلمين پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مجلس وحدت مسلمين جي ترجمان مظاهر شگري چيو آهي ته ايم ڊبليو ايم جي ايم پي اي عاصمه زهرا نقوي پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ نه ڏيندي.مظهر شگري چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي قيادت جي هدايت تي ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته مجلس وحدت مسلمين کي پنجاب جي وڏي وزير جي ڪجهه عملن تي سخت تحفظات آهن.










