ايف بي آر پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيا.پي آءِ اي جي اعلان موجب سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف روينيو قومي ايئر لائن پي آءِ اي جا سمورا بئنڪ اڪائونٽس ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي منجمد ڪري ڇڏيا هئا.ذريعن موجب پي آءِ اي جا سڄي ملڪ جي بئنڪن ۾ 28 اڪائونٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو