ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي ميچن جي منتقلي بابت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪري سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خراب موسم سبب ايشيا ڪپ جون ميچون ڪولمبو کان منتقل ڪرڻ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي.ذريعن موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ دمبولا شهر ۾ هوٽل کان مطمئن ناهي.ڊمبولا ۾ هوٽلون معياري نه آهن جڏهن ته براڊڪاسٽرن هنبنٽوٽا ۾ هوٽل جي انتظامن تي اعتراض ڪيو، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل، سريلنڪا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهن، اي سي سي جو هنگامي اجلاس ۾ ميچن جي منتقلي تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪولمبو ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به موسم جي خرابي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.پي سي بي اي سي سي کي مختلف آپشنز تي غور ڪرڻ لاءِ چيو آهي، اي سي سي مختلف آپشنز کانپوءِ ميزبان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪندو.
