ايسٽرولوجي، پ، ث د ، جي نالن وارا ماڻهو احتياط ڪن،ڀڳوانداس

عمر ڪوٽ (ن س ) جڳ مشهور ايسٽرولوجسٽ ۽ پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا خبردار ڪيو آهي ته، “پ ث ۽ د ”جي لفظن سان شروع ٿيندڙ  وارن لفظم جا ماڻهو 15 سيپٽمبر کان 15 نومبر تائين احتياط کان ڪم وٺو. هن ايسٽرولوجي سائنسز ۾ اهم بنياد سمجهي ويندڙ  هندي ايسٽرولوجي جي اهم ڪتاب لال ڪتاب جي ڪيليڪوليشن جي بنياد تي مشورو  ڏنو آهي ته  ٽن حرفن سان شروع ٿين وارن نالن وارن دوستن کي احتياط ڪرن گهرجي. بقول هن جي ته ڏيتي ليتي، شاهد، ضمانت، جهيڙو جهڳڙو ڪرڻ کان پاسو ڪرن گهرجي. مريخ جي نظر سندن طالع ۾ پوندي جنهن سبب سندن خرچ پڌي ويندا ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار به ٿي سگهن ٿا. اهي ماڻهو صبر، بردباري ۽ درگذر کان ڪم وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو