جنگ جو خطرو،آمريڪا پاران اسرائيل کي ميزائيل ڏيڻ جو فيصلو

جنگ جو خطرو،آمريڪا پاران اسرائيل کي ميزائيل ڏيڻ جو فيصلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ باقاعده جنگ جو خطرو آهي ۽ آمريڪا جنگ جي صورت ۾ اسرائيل جو دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب اسرائيل 2 هفتا اڳ ايراني ميزائل حملن جي جواب ۾ اسماعيل هنيه ۽ حسن نصرالله جي قتل جو بدلو وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ جواب ۾ ايراني حملن کان بچاءَ جي تيارين جو به جائزو وٺي رهيو آهي رپورٽ موجب ايران به امڪاني حملي جي صورت ۾ جوابي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ ان جوابي حملي کان اسرائيل کي بچائڻ ۽ دفاع ڪرڻ لاءِ آمريڪا اسرائيل کي ميزائل ويڙهاڪ دفاعي نظام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خابرو اداري موجب آمريڪا اسرائيل ۾ THAAD اينٽي ميزائل دفاعي نظام نصب ڪندو جيڪو 150 کان 200 ڪلوميٽرن جي رينج ۾ ايندڙ ميزائلن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو