ايران جي نئين صدر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، 6 اميدوار ۾ مقابلو

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي پاڙيسري ملڪ ۾ مرحوم صدر ابراهيم رئيسي جي جانشين جي چونڊ جو عمل جاري آهي.ايراني عوام سڀاڻي (جمعو 28 جون) نئين صدر لاءِ ووٽ ڏيندو.ايران جي شوري نگبان ايراني صدر جي چونڊ لاءِ رڳو 6 اميدوارن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.انهن 6 صدارتي اميدوارن ۾ سعيد جليلي، محمد باقر قاليباف، مسعود پاشڪيان، مصطفيٰ پور محمدي، امير حسين غازيزاده هاشمي ۽ علي رضازقاني شامل آهن.ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪا به عورت اميدوار ناهي.اسلامي جمهوريه ايران ۾ عورتن کي صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو