پاڪستان ۽ ايران ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر )پاڪستان ۽ ايران بارڊر، توانائي ۽ سيڪورٽي معاملن ۾ تعاون وڌائڻ، ٻطرفو واپار ايندڙ پنج سالن ۾ 10 ارب ڊالر ڪرڻ لاءِ سهڪار تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن دهشتگردي سميت درپيش مسئلن کي گڏيل حڪمت عملي سان حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتل آهي، هي 2017ع کانپوءِ ڪنهن ايراني صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان سربراهه آهيو جيڪي پاڪستان آيا آهيو. مون سميت پوري پاڪستاني قوم توهان جي دوري کي ڀليڪار ڪري ٿي.ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ايران جو صدر ابراهيم وزيراعظم هائوس پهتو، جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، جنهن بعد پاڪ فوج جي چاڪ ۽ چوبند دستن ايراني صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايراني صدر سان تعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ ايراني صدر ڌرتي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.ان کان اڳ ايراني صدر پنهنجي گهرواري ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهتو، جنهن ۾ ايراني پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ واپاري به شامل هئا.ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان پهچڻ تي وفاقي وزير رياض پيرزاده استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار تي به اتفاق ڪيو ويو.

ايراني صدر پنهنجي پاڪستاني هم نصب سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت اتفاق ڪيو. صدر زرداري ايراني وفد جي اعزاز ۾ ڊنر پڻ ڏنو.

هوڏانهن ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران ۾ ٻطرفو واپارايندڙ پنج سالن اندر 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اسلام آبا ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمت جي يادداشت جي تقريب ٿي. پاڪستان ۽ ايران مختلف شعبن ۾ تعاون جي 8 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. معاهدن ۾ سيڪيورٽي، سول معاملن ۾ عدالتي مدد، صحت ۽ چوپائي مال جي علاج وارن شعبن ۾ تعاون شامل آهي. ٻنهي ملڪن هڪ خاص اقتصادي زون جي قيام لاءِ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون جڏهن ته هڪ ٻيو معاهدو ايران جي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت ۽ سينيما جي تنظيم ۽ آڊيو بصري معاملن جي وچ ۾ فلمن جي تبادلي ۽ تعاون لاءِ ڪيو ويو. اوورسيز پاڪستانين جي وزارت ۽ ايران جي ڪوآپريٽو، مزدورن ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت، پاڪستان اسٽينڊرڊس اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزيشن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون. قانوني تعاون تي هڪ ايم او يو پڻ دستخط ڪيو ويو. معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو 76 سالن کان ناهن پر پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايران تسليم ڪيو. هن چيو ته غزا تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن پر دنيا چُپ آهي، جڏهن ته ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ تي اسين ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي سميت ايراني قيادت جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزا جي عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، غزا بابت جرئتمند موقف تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي سلام آهي، سلامتي ڪائونسل غزا معاملي تي ذميواريون نه پئي نڀائي، غزا جي عوام کي هڪ ڏينهن انهن جو حق ۽ انصاف ملي ويندو. هن چيو ته دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان تاريخي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا ڪير ختم نٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پاڪ – ايران واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو