ايراني حملي جو خدشو، آمريڪي شهري چر پر محدود ڪن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ايران طرفان حملي جي خدشي سبب اسرائيل ۾ پنهنجي شهرين تي سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. رائٽرز نيوز ايجنسي موجب آمريڪي سفارتخاني پنهنجي عملي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو يروشلم، تل ابيب يا بيئر شيوا جي علائقن کان ٻاهر سفر نه ڪن. روس ۽ جرمني به جنگ جي دائري کي ممڪن وڌائڻ جي صورت ۾ ڌرين کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏني آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن پنهنجي ترڪي، چيني ۽ سعودي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، انتوني بلنڪن واضح ڪيو ته آمريڪا کي خطي ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. ياد رهي ته اپريل جي شروع ۾ اسرائيل شام ۾ ايراني سفارتخاني تي هوائي حملو ڪيو هو جنهن ۾ 13 ماڻهو مري ويا هئا. جنهن بعد ايران بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ آمريڪا چيو هو ته ايران جيڪڏهن اسرائيل تي حملو ڪيو ته آمريڪا ڀرپور جواب ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو