اوگرا ايل اين جي سستي ڪري ڇڏي

اوگرا ايل اين جي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل اين جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آڪٽوبر لاءِ ايل اين جي سستي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي 2.19 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو سستي ٿي وئي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي 2.28 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو سستي ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 14.78 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 15.18 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو