اوڪاڙه، مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

اوڪاڙه، مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

اوڪاڙه: (ويب ڊيسڪ) اوڪاڙه ۾ مني مزدا ٽرڪ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.حادثو مين جي ٽي روڊ اوڪاڙه ٽول پلازا تي پيش آيو. تيز رفتاري سبب مني مزدا ٽرڪ پوئتي کان ٽرالر کي ٽڪر هنيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي، اعليٰ پوليس آفيسر ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي فوت ٿيل جي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ مقبول جي نالي سان ٿي آهي. پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو