اوڏيرولال( رپوٽر ) اوڏيرولال لڳ ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوادم روڊ ڪنڊو پير اسٽاپ وٽ ڪار جو ٽائر بسٽ ٿيڻ سبب بس سان ٽڪرائجي ويو نتيجي ۾ ڪار سوار عمر ڪوٽ واسي مهيندر ۽ڳوٺ عالم بلوچ واسي عني بلوچ فوت ٿي ويا واقعي واري هنڌ مقامي ماڻهو پهچي فوتين کي ٽنڊوآدم اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن ۾ قهرام مڇي ويو آهي جڏهن ته بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو










