اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ھوٽل تي ڪم ڪندڙ نوجوان قتل،نامعلوم جوابدار نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا،تفصيل موجب اوٻاوڙو ويجھو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ نوجوان امام بخش کنڀڙو کي نامعلوم جوابدارن تششد ڪري قتل ڪري ڇڏيو،قتل جو اطلاع ملڻ بعد کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي،کنڀڙا پوليس جو چوڻ آھي ته قتل جي واردات کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ پيش آئي آھي،قتل جي جائي واردات واري ھنڌ پھچي تحقيق شروع ڪئي آھي،تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ،هوڏانهن ريتي باء پاس تي نوجوان ظهور ولد طفيل سومرو ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي چيڦاٽجي فوت ٿي ويو اوٻاوڙو پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو۔ هوڏانهن اهڙي اطلاع بعد فوتي جي گهر ۾قهرام متل آهي.. اوٻاوڙو لڳ جهنگل ملڪ ۾ ڀٽا ۽ چارڻ برادري ڪارنهن تقرار تان اوٻاوڙو پوليس طرفان ڀورا ڀٽا برداري جي گهرن تي چڙهائي۔گهرن کي باهيون ڏيئي ڊاهي پٽ ڪرڻ دوران گهر ۾ پيل معصوم نياڻي ديوار هيٺيان اچي فوت ٿي وئي۔وارثن طرفارن اعلي اختيارن کان نوٽس جو مطالبو ڪيو آهي










