خيرپور ناٿن شاه (رپورٽ برڪت علي چانڊيو)خيرپور ناٿن شاهه ۾ روڊ حادثوهڪ عورت فوت 3 ٻارڙن سميت چار ڄڻا زخمي ھڪ ڄڻو لاڙڪاڻي اسپتال منتقل. لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندڙ ڪار خيرپور ناٿن شاهه ۾ لڌاڻ ويجھو انڊس ھاءِ وي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽيون کائي روڊ کان ھيٺ ڪري جنھن جي نتيجي ۾ ڪار سوار لاڙڪاڻي واسي 32 ورھين جو عارب عباسي ۽ سندس 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا جڏھن ته سندس گھرواري رابعه موقعي تي دم ڏنو حادثي بعد علائقي واسين مٿي ڄاڻايل ڪار سوارن کي تعلقه اسپتال خيرپور ناٿن شاهه پھچايو، جتي عورت جي موت جي تصديق ٿي جڏھن ته عارب عباسي کي وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو، ھوڏانھن ڪار مڪمل طور تي تباھ ٿي وئي.










