ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽن ۾ اڄ ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.ڊالر هڪ رپيو 79 پئسا سستو ٿيڻ بعد 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 280 رپيا 29 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 279 رپيا مهانگو ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 272 پوائنٽن جي واڌ سان 49 هزار 703 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 49 هزار 531 پوائنٽس تي بند ٿيو.
