ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات کان وٺي، آمريڪي ڊالر جي اڏام شروع ٿي وئي آهي ۽ رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 20 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 301 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.هفتي جي آخري ڏينهن تي انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر 301 رپين تي بند ٿي ويو.










