ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊگهي اڏام کانپوءِ حڪومتي قدمن سبب آمريڪي ڊالر ڪيترن ئي ڏينهن کان هيٺ اچي رهيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 89 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 299 رپيا 99 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 299 رپيا 89 پئسا تي هو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 300 رپيا تي برقرار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 142 پوائنٽن جي واڌ سان 45 هزار 650 تي پهچي ويو.










