ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جو سفر گذريل هفتي کان حڪومتي قدمن جي ڪري هيٺاهين رستي تي آهي.اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات ۾ انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 35 پئسا سستو ٿي 296 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 296 رپيا 85 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ملا جلا رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 16 پوائنٽن جي اضافي کانپوءِ 45 هزار 770 تي بند ٿي ويو.100 انڊيڪس گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي 45,753 پوائنٽس تي بند ٿيو.
