انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 293 رپيا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جيڪو تمام گهڻو مٿي آهي، حڪومتي قدمن کانپوءِ مسلسل هيٺاهين طرف وڃي رهيو آهي.اڄ به انٽربينڪ ڊالر جي قدر ۾ ڪاروبار جي شروعات کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 88 پئسا گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 293 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 293 رپيا 88 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به مثبت ڪاروباري رجحان سامهون آيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 169 پوائنٽن جي واڌ سان 46 هزار 58 تي پهچي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 45889 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو