ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 287 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ تي ڊالر 286 رپيا 90 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات نظر اچي رهي آهي جتي 100 انڊيڪس 55000 جي سطح عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 975 پوائنٽن جي واڌ سان 55 هزار 236 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 54 هزار 261 پوائنٽس تي بند ٿيو.
