انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 280 رپين کان هيٺ اچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 280 رپين کان به هيٺ اچي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 1 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 50 پيسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 280 رپيا 51 پئسا تي بند ٿيو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت بلند ترين سطح کان 27 رپيا 6 پئسا گهٽجي وئي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 160 پوائنٽس وڌي 48 هزار 301 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 48 هزار 140 پوائنٽس تي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو