انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي رهيو آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت 81 پئسا گهٽجي 278 رپيا ٿي وئي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 81 پئسا تي هو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 331 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 50 هزار 697 پوائنٽس تي اچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 50 هزار 365 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو