انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ ايم ايف سان هڪ ڏينهن اڳ ٿيل معاهدي جا اثر اڄ به آمريڪي ڊالر تي نظر اچي رهيا آهن.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 88 پئسا گهٽتائي سان 286 رپيا 50 پئسا ٿي وئي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 62 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان نظر اچي رهيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 102 پوائنٽن جي واڌ سان 57 هزار 499 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 57 هزار 397 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو