انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 300 رپين کان مٿي برقرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 28 پئسا مهانگو ٿي 300 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 300 رپيا 22 پئسا تي بند ٿيو.ان کان علاوه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 18 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي دوران ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 136 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 13.6 ملين ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ 13.24 ارب ڊالر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو