وفاقي حڪومت جي قدمن سبب آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 98 پئسا سستو ٿيڻ بعد 291 رپيا 80 پئسا ٿي ويو. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 292 رپيا 78 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ملا جلا رجحان جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 56 پوائنٽن جي واڌ سان 46 هزار 259 تي پهچي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 46 هزار 202 پوائنٽس تي هو.
