ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات کان ئي ڊالر مهانگو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 95 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 304 رپيا 30 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 303 رپيا 5 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مخلوط شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 39 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 46731 تي اچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 46770 پوائنٽس تي بند ٿيو.
