انٽر بئنڪ: ڊالر 297 رپيا ٿي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وفاقي حڪومت جي قدمن سبب آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 96 پئسن جي گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 297 رپيا ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 297 رپيا 96 پئسا تي هو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 298 رپيا تي برقرار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 347 پوائنٽس وڌي 45 هزار 997 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 45,650 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو