ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 45 پئسا سستو ٿيڻ بعد 294 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 295 رپيا 95 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 123 پوائنٽن جي واڌ سان 45 هزار 926 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 45,803 پوائنٽس تي بند ٿيو.
