ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ شروعاتي انٽربينڪ واپار ۾ وڌيڪ گھٽجي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 1 پئسا سستو ٿيڻ بعد 285 رپيا 75 پئسا ٿي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 286 رپيا 76 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات کان وٺي مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 170 پوائنٽس وڌي 46797 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 46627 پوائنٽس تي بند ٿيو.
