انٽر بئنڪ: ڊالر 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڪجهه پئسن جي واڌ ٿي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 37 پيسا تي هو.ڪاروباري هفتي جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان نظر اچي رهيو آهي. واپار دوران 100 انڊيڪس 288 پوائنٽس جي واڌ سان 59 هزار 374 پوائنٽس تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 59 هزار 86 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو