انٽر بئنڪ: ڊالر 282 رپيا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اوج تي پهتو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 53 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 282 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 47 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 283 رپين تي برقرار آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 434 پوائنٽن جي واڌ سان 52 هزار 354 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 51 هزار 920 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو