ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ڪالهه جي ڀيٽ ۾ 26 پئسا مهانگو ٿي 302.25 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 301.99 رپيا تي بند ٿيو.ان کان علاوه گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 1500 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 2 لک 33 هزار رپيا رهيو.
