اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 12 مارچ تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پيپلز پارٽي جي وڪيل ساجد تنولي موقف اختيار ڪيو ته پارٽي چيئرمين آمريڪا ۾ آهي ۽ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ سينيٽ جي مصروفيتن جي ڪري موجود ناهي، تنهن ڪري جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.سنڌ جي ميمبر نثار دراني نشاندهي ڪئي ته پيپلز پارٽي 6 جنوري 2021 تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون هيون. انهن جون چونڊون چار سالن لاءِ ٿينديون آهن. چئن سالن اندر چونڊون نه ڪرائڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.پنجاب جي ميمبر سوال ڪيو ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي وڪيل هڪ مهيني جو وقت گهريو.اليڪشن ڪميشن 12 مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










