انور مقصود جو نئون شاهڪار ‘ساڍا چوڏنهن آگسٽ‘ تيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي نامياري ڊراما نويس ۽ لکاري انور مقصود ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي لاءِ ڊراما سيريل لکڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته پاڪستان ۾ هلندڙ ٽي وي ڊراما سندس مزاج جي ابتڙ آهن. هن ٽي وي ڊرامن لکڻ کان ته انڪار ڪيو پر سٺي خبر اها آهي ته اسٽيج ٿيٽر پلي لاءِ لکڻ کان انڪار نه ڪيو هو. هن هڪ اسٽيج پلي لکيو آهي جنهن جو عنوان آهي ’ساڍا چوڏنهن آگسٽ‘ جيڪو جلد ڏيکاريو ويندو. اوهان کي هيٺ نظر ايندڙ پوسٽر مان اندازو ٿي ويو هوندو ته هي ساڍا چوڏنهن آگسٽ وارو پلي برصغير جي ورهاڱي بابت آهي.

انور مقصود جو چوڻ آهي ته هو ’ڪاپي ڪيٽس‘ وارن کي ڏيندو، جيڪي اڳ ۾ ئي ’پوڻا چوڏنهن آگسٽ‘ ۽ ’سوا چوڏنهن آگسٽ‘ ٿيٽر پلي ڏيکاري چڪا آهن. انور مقصود جو چوڻ آهي ته گذريل سال کان ڪورونا سبب ٿيٽر ويران آهن ۽ جڏهن فل ٿيٽر بحال ٿيندا ته سندس نئون اسٽيج پلي ڏيکاريو ويندو. ڪاپي ڪيٽس پروڊڪشن جي داور محمود جو چوڻ آهي ته اڳيان ڊراما ٻيهر ڏيکارڻ ج ضرورت آهي ڇو ته ڪافي گيپ ٿي ويو آهي ۽ هڪ نسل جوان ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو