مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي ۽ فوري طور تي عدم اعتماد جي تحريڪ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت اسيمبلي ميمبرن کي فوري طور تي مظفرآباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرن عدم اعتماد جي تحريڪ جي قرارداد تي دستخط ڪري ڇڏيا آهن، ۽ آخري وقت تي عدم اعتماد جي تحريڪ تي نئين ليڊر آف دي هائوس جو نالو لکيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق پنهنجي عملي سان الوداعي ملاقاتون به شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير لاءِ فيصل راٺوڙ کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو اعلان پي پي پي آزاد ڪشير جي صدر چوڌري ياسين راجا پرويز اشرف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. اڳ ۾ چوڌري ياسين کي وزيراعظم لاءِ پسنديده شخص قرار ڏنو پئي ويو، پر ڪجهه سياسي جماعتن ۽ اهم ڌرين پاران سندن نالي تي اعتراض ڪيو ويو هو جنهن سبب هو هاڻي ريس مان نڪري ويو آهي. 52 ميمبرن واري ايوان ۾ سادي اڪثريت لاءِ 27 ووٽ گهربل آهن جيڪي پي پي وٽ موجود آهن. ذريعن موجب مسلم ليگ ن عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت ڪندي ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ اڄ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ پاڪستان ۾ آئيني ترميمن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد جي رٿ لاءِ 27 ووٽن جي سادي اڪثريت گهربل آهي، جڏهن ته، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ لاءِ 36 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪري رهي آهي.










