ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن اوور سائٽ بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾، مختلف پراڊڪشن ادارن امن، رواداري، سماجي هم آهنگي ۽ ثقافتي ورثي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجا خيال پيش ڪيا. سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي اطلاعات سليم خان، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، سارنگ لطيف چانڊيو، جڏهن ته بورڊ ميمبرن قاضي اسد عابد، ورده سليم اذان سميع خان، نمرا ملڪ، زالي سرحدي، حسن اصغر نقوي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انتهاپسندي ۽ منفي عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تعميري بيانيي کي ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران، بورڊ ميمبرن ڪيترن ئي پريزنتيشنز جو جائزو ورتو ۽ ذميوار مواد جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميڊيا انڊسٽري کي هڪ تعميري ۽ مثبت معاشري جي تعمير ۾ هڪ طاقتور ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان کي اثرائتي ۽ ذميواراڻي مواد جي تخليق ذريعي انتهاپسند بيانئي ۽ منفيت جو فعال طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد سماجي ھم آھنگي لاءِ خطرو بڻجندڙ تفرقا پيدا ڪندڙ ڌرين جي حوصلا شڪني ڪندي اتحاد، حب الوطني ۽ ثقافتي شعور کي ھٿي ڏيڻ ۽ فلمن، ڊرامن ۽ ڊجيٽل مواد ذريعي سنڌ جي ثقافتي گوناگوني ۽ ورثي کي اجاگر ڪرڻ آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد ميڊيا هائوسز، فلمسازن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن سان گڏجي مثبت پيغام پهچائڻ لاءِ سھڪار ڪرڻ آهي.










