اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.سڄي ملڪ ۾ داخل مختلف ڪيسن ۾ امڪاني گرفتاري جي معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت، آءِ جي پنجاب، بلوچستان، سپرنٽينڊنٽ جيل اٽڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ نيب، ايف آءِ اي، دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۽ اسلام آباد کي به ڌر بنايو ويو آهي.آئين جي آرٽيڪل 184(3) جي تحت داخل درخواست ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو آهي ته درخواستگذار کي سياسي مخالفن طرفان سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. درخواستگذار خلاف ملڪ ۾ 180 کان وڌيڪ بي بنياد ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. درخواست جي متن موجب پي ٽي آٰءِ چيئرمين کي مخالفن طرفان سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهي.
