انتقامي ڪاروايون بند ڪريو، پي ٽي آءِ جو احتجاج

انتقامي ڪاروايون بند ڪريو، پي ٽي آءِ جو احتجاج

دادو ( رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) پي ٽي آء قيادت پاران سيف الله ابڙو کي سينٽ جي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ ۽ حليم عادل شيخ خلاف انتقامي ڪاروارين خلاف ۽ جتوئي گروپ جي اڳواڻن پاران پارٽي ۽ سيف الله ابڙو خلاف نازيبا ٻولي ڳالھائڻ ۽ غلظ بھتان ھڻڻ خلاف  پي ٽي آء اڳواڻ سردار رجب خان شاھاڻي عرفان خاصخيلي  نور محمد جويو اقبال احمد خشڪ  راجه لنڊ ۽ ٻين ڪارڪنن اڳواڻن پاران مزدورآباد   پي ٽي آئي آفيس کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڪچھري روڊتي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي  تي روڊ جي ٻنهي پاسن کان  ٽرئفڪ جام ٿي وئي اڳواڻن ميڊيا اڳيان سخت احتجاج,ڪيو اڳواڻن چيو ته  ملڪ جي وزير اعظم عمران خان جي فيصلن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ سينيٽ جي ٽڪٽ سيف الله ابڙو کي ملڻ تي تمام خوشي ٿي آهي ۽ سنڌ اسمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف انتقامي ڪاروايون ھڪ بزدلاڻو قدم آهي تنهن كي فورن روڪيو وڃي ۽ لياقت جتوئي ۽ ان جو گروپ سياسي ناڪام ٿي ويو آهي ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ ھڪ شرم ناڪ عمل آهي ان جي شديد لفظن مذمت ڪريون ٿا ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي  وزيراعظم اعظم عمران خان ھميشه  ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاء بھتر اپاء ورتا آهن ۽ ڪرپشن خلاف بھترين جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪرپٽ سياسي اڳواڻن کان لٽيل سرڪاري خزانو واپس ڪرايو آهي اسين وزير اعظم جي سڀني فيصلن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ آخر ۾ سينٽ جي ٽڪيٽ سيف الله ابڙو کي ملڻ جي خوشي ۾ شھرين ۽ ڪارڪن ۾  مٺائي ورھائي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو