اميد آهي ته ٻي ميچ ۾ غلطيون نه ورجايون: سعود شڪيل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل چيو آهي ته اميد آهي ته آسٽريليا خلاف غلطيون ٻيهر نه ورجنديون.ميلبورن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعود شڪيل چيو ته پچ پاڪستان جهڙي محسوس ٿي رهي آهي، سمورا بيٽسمين سٺو محسوس ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پرٿ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بالنگ سٺي نه هئي، پهرين اننگز ۾ ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون ويون ته ميچ اسان کان پري ٿي وئي، نوان بالر هئا ۽ ان کي ترتيب ڏيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، بدقسمتي سان خرم شهزاد آئوٽ ٿي ويو آهي. سعود شڪيل چيو ته مير حمزا ۽ حسن علي وٽ سٺو موقعو آهي، آسٽريليا تجربا رانديگر آهن ۽ ڪوالٽي اٽيڪ آهي، بابر اعظم ورلڊ ڪلاس بيٽسمين آهي ۽ اننگز ۾ واپس اچي سگهي ٿو. اميد آهي ته بابر ميلبورن ۾ سٺي اننگز کيڏي پنهنجي فارم واپس آڻيندو.سعود شڪيل چيو ته هو جڏهن ننڍو هو ته صبح پنجين وڳي اٿندو هو ۽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ڏسندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو