اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي فريال ٽالپر جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته جوابدار فريال ٽالپر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا، نااهلي لاءِ مواد ۽ ٺوس ثبوتن جي ضرورت آهي، درخواستگذار نااهلي جو ڪيس نه ٺاهي سگهيو.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ارسلان تاج ۽ رابعه اظفر فريال ٽالپر جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.










