الزائمر بيماري جو نئون، سستو ۽ حيرت انگيز علاج دريافت

ڪراچي (م ڊ) سائنسدانن ياداشت وڃائڻ واري بيماري الزائمر جو علاج دريافت ڪري ورتو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گرين ٽي ۽ گجرن جي استعمال سان ياداشت جي بحالي ۾ حيرت انگيز حد تائين بهتري اچي ٿي. ڏکڻ ڪيليفورنيا جي يونيورسٽي جي ٿيل هڪ تحقيقاتي اسٽڊي ۾ٽن مهينن تائين ڪوئن کي گرين ٽي ۽ گجرن جو مرڪب ڏنو ويو ۽ اهو نتيجو سامهون آيو ته هن سان ڪوئن ۾ ياداشت جي مڪمل بحالي نوٽ ڪئي وئي آهي. مٿي ڄاڻايل يونيورسٽي جي فزيالاجي ۽ نيورو سائنس جي پروفيسر ٽيرنس ٽائون جو چوڻ آهي ته اوهان ڏهه بارنهن سال انتظار نو ڪريو ته دوا ٺهندي ۽ بعد ۾ علاج ٿيندو، اڄ ئي پنهنجي ڊائيٽ ۾ گرٿن ٽي ۽ گجرن کي شامل ڪريو ۽ الزائمر جهڙي بيماري کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو. پروفيسر موجب تحقيق دوران 32 ڪوئن کي ٻنهي مرڪبن جو 30 ملي گرام في ڪلوگرام جسماني وزن جي حساب سان ڊوز ڏنو ويو. هن چيو ته هن حساب سان انسان به ڊوز وٺي سگھن ٿا ۽ اهو مشڪل به ناهي. هي اسٽڊي جرنل آف بيالوجي ڪيمسٽري ۾ شايع ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو