اقرا ۽ ياسر حسين جي شادي جو ڪارڊ سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت جوڙي اداڪار ياسر حسين ۽ اقرا عزيز جي شادي بابت وڏي عرصي کان خبرون سامهون اچي رهيون هيون هاڻي ته اداڪاره اقرا عزيز پاڻ ئي پنهنجي شادي جو ڪارڊ مداحن سان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اقرا عزيز شادي ڪارڊ جي تصوير شيئر ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ان جو نڪاح 28 ڊسمبر تي ٿيندو. جڏهن ته ٻنهي جو شادي ڪارڊ به ٻنهي جي مزاحيه ادڪاري وانگي نهايت دلچسپ آهي. شادي ڪارڊ تي اقرا پاڻ کي سمجهداري چئي مخاطب ٿي جڏهن ته ياسرلاءِ هن لکيو آهي ته دير آئي درست آئي. اقرا عزيز ان موقعي تي مداحن کي دعائن ۾ ياد رکڻ جي اپيل ڪئي آهي. شادي ۾ گهرايل مهمانن کي پيغام ڏيندي اداڪاره چيو ته تحفي آڻڻ جي ضرورت ناهي جڏهن ته سلامي طور دل کولي مشورا ڏيڻ جو اظهار ڪندا. ياد رهي ته ٻنهي اداڪارن جي ويجهي ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ جوڙو شادي ڪندو. ياد رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ لڪس اسٽائل ايوارڊ جي تقريب ۾ سڀني جي سامهون منڱڻي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ايوارڊ تقريب ۾ ياسر حسين منفرد انداز ۾ اقرا عزيز کي منڱڻي جي پيشڪش ڪئي هئي جيڪا اداڪاره قبول ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو